لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل اريج چوڌري پاڻ کي ڀارتي اداڪارائن سان ڀيٽڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا اريج چوڌري هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن مختلف موضوعن تي خيالن جو اظهار ڪيو.
انٽرويوءَ دوران ميزبان اريج کان مختلف اداڪارائن سان سندس ڀيٽ ڪرڻ بابت سوال ڪيو، جنهن تي اداڪارا حيرت جو اظهار ڪندي ترديد ڪئي.
اريج چوڌري چيو ته ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي هن کي آمريڪي فحش اداڪارا ڊيني ڊينئل جي همشڪل قرار ڏنو، هاڻي ڀارتي اداڪارائن سان ڀيٽيو پيو وڃي جنهن سان اتفاق نٿي ڪريان.
اداڪارا چيو ته مون کي ڀارتي اداڪارا تمنا ڀاٽيا، ڪيارا آڏواڻي ۽ يامي گوتم جو همشڪل قرار ڏنو ويو جڏهن ته منهنجي شڪل انهن ٽنهي اداڪارائن کان مختلف آهي، منهنجي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي.
You might also like