گوگل سرچ ۾ هڪ شاندار اي آءِ فيچر متعارف

هن وقت جتي اوپن اي آءِ طرفان سرچ انجڻ مارڪيٽ ۾ چيٽ جي پي ٽي سرچ ذريعي قدم رکيو پيو وڃي، اتي گوگل سرچ انجڻ جي حڪمراني کي برقرار رکڻ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي.
ان مقصد لاءِ گوگل سرچ ۾ رئيل ٽائم وائس ٽو سرچ نالي فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي.
هڪ رپورٽ موجب، گوگل طرفان هڪ نئين فيچر جي ٽيسٽنگ جاري آهي، جنهن ذريعي واهپيدار گوگل موبائيل ايپ ۾ گوگل سرچ سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب، واهپيدار پاران پنهنجي موبائيل تي وائس ٽو سرچ ذريعي هڪ سوال سرچ کي فراهم ڪرڻو پوندو ۽ ڪمپني طرفان ان جي جواب ۾ سرچ رزلٽس فراهم ڪيا ويندا.
ان کانپوءِ سرچ رزلٽس جي حوالي سان وڌيڪ سوال پڇي سگهجن ٿا ۽ گوگل سرچ طرفان رئيل ٽائيم ۾ اَپ ڊيٽس فراهم ڪيون وينديون.
واضح رهي ته گوگل ۾ پهريان ئي وائس ٽو سرچ جو آپشن موجود آهي پر اوهان ڪنهن موضوع تي رڳو هڪ ڀيرو ئي سرچ ڪري سگهو ٿا.
وڌيڪ سوال پڇڻ لاءِ اهو سڄو عمل ٻيهر ورجائڻو پوندو آهي، نئين اَپ ڊيٽ کانپوءِ وائس ٽو سرچ ۾ هڪ ئي موضوع بابت ڪيئي ڀيرا سرچ ڪرڻ ممڪن بڻجي ويندو.
واهپيدارن جي سوالن تي گوگل طرفان مسلسل سرچ لنڪس ۽ اي آءِ تي مشتمل سمريز واهپيدارن جي آڏو پيش ڪيون وينديون.
اِهو فيچر في الحال گوگل ايپ ۾ محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي جيڪو تمام جلد سڄي دنيا جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.