پاسپورٽ فيسن ۾ واڌ جون خبرون، ڊي جي پاسپورٽ جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي پاسپورٽ جي فيسن ۾ واڌ جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مصطفيٰ جمال قاضي چيو ته پاسپورٽ فيس ۾ واڌ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، ان حوالي سان خبرون بي بنياد آهن.
هن چيو ته پاسپورٽ جي فيسن ۾ آخري ڀيرو واڌ اپريل 2024 ۾ ڪئي وئي هئي، اها واڌ به 10 سالن کانپوءِ ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.