ايئر فونز ۾ ننڍڙو سوراخ ڇو هوندو آهي؟ اهم ڳالهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايئر فونز ۾ هڪ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي جيڪو عام طور تي اوهان کي نظر به ناهي ايندو پر اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

هي سوراخ اوهان جي آواز جي ڪوالٽي ۽ بيس کي بهتر ڪري ٿو، ان کانسواءِ هي سوراخ اوهان جي ڪنن ۾ هوا جي دٻاءَ کي برابر ڪرڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.

آواز جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو سوراخ نه هجي ته اوهان جي ڪنن ۾ سور يا انفيڪشن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اوهان ايئر فون استعمال ڪندا آهيو ته ڪن بند ٿي ويندا آهن، ان لاءِ هوا بلاڪ ٿي ويندي آهي ان جي ڪري اوهان جي ڪنن جي پڙدي تي دٻاءَ وڌيڪ پوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪنن ۾ سور ٿيندو آهي.

ان کانپوءِ جڏهن اوهان هيڊ فون استعمال ڪرڻ بند ڪندا آهيو ته اوهان کي ٻاهريان آواز ٻڌڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو ايئر فونز ۾ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.