ڇا توهان جو به ڳلو خراب ٿي ويو آهي؟ هي گهريلو ٽوٽڪا آزمايو

ڳلي جي خرابي يا سوڄ گھڻي تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي ۽ ان جو شڪار ماڻهو لاءِ کائڻ پيئڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن لاءِ ته ڳالهائڻ به تڪليف ڏيندڙ بڻجي ويندو آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه گھريلو طريقن سان ان مسئلي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

ڊاڪٽرن به اهڙن طريقن کي ڳلي جي خرابي جي شدت ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ اثرائتو قرار ڏنو آهي.

پر ڊاڪٽرن جو اهو به چوڻ آهي ته انهن طريقن سان بيماري مان فوري ڇوٽڪارو ته ممڪن ناهي پر تڪليف ۾ گھٽتائي ضرور اچي ٿي.

جيڪڏهن ڳلي جي خرابي ڪجهه عرصي ۾ ٺيڪ نه ٿئي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

تنهنڪري انهن طريقن بابت ڄاڻو جيڪي ڳلي جي خرابي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا.

ماکي کان مدد وٺو

ماکي سوڄ ختم ڪندي آهي ۽ ڪجهه ملڪن جهڙوڪ ڪروشيا ۾ ته ان کي دوا جي طور تي به استعمال ڪيو ويندو آهي.

گھڻن ڪيسن ۾ سوڄ ئي ڳلي جي خرابي جو سبب بڻبي آهي.

ائين ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اسان جو جسم ڳلي جي ڪنهن انفيڪشن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان لاءِ ورم کي متحرڪ ڪندو آهي، جنهن سان ڳلي جي خرابي ۽ سوڄ ٿيندي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو ماکي جي استعمال سان ڳلي جي خرابي کان ڇوٽڪاري ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

چانهه به فائديمند

سبز چانهه، ليمن ٽي ۽ چانهه ۾ هيڊ گڏائي پيئڻ سان ڳلي جي خرابي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

جيڪڏهن چانهه ۾ ماکي کي شامل ڪيو وڃي ته ڳلي جي خرابي لاءِ ان جو اثر ٻيڻو ٿي ويندو آهي.

عام چانهه جي گرمائش سان به ڳلي جي خرابي جي شدت ۾ گھٽتائي ايندي آهي.

لوڻ جا غرارا ڪرڻ

لوڻ واري پاڻي سان غرارا ڪرڻ سان به ڳلي جي خرابي کان ڇوٽڪاري ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

طبي ماهرن موجب هڪ ڪوپ گرم پاڻي ۾ ڪجهه مقدار ۾ لوڻ ۽ بيڪنگ سوڊا مڪس ڪريو.

ڳلي جي خرابي کان ڇوٽڪاري لاءِ ان مڪسچر سان ڏينهن ۾ 3 کان 4 ڀيرا غرارا ڪريو.

ڦودنو به فائديمند هوندو آهي

ڦودني کي ورم ختم ڪندڙ مڃيو ويندو آهي ۽ اهو ڳلي جي خرابي ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

ان مقصد لاءِ ڦودني کي غذا ۾ استعمال ڪريو يا ان جي چانهه ٺاهي پيو.

ٿوم

ٿوم جي اينٽي بائيوٽڪ خاصيتن سان مختلف بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ڳلي جي خرابي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٿوم کي 15 منٽن تائين چٻاڙيو يا ان جا ٽڪرا چوسيندا رهو، پوءِ وات کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو.

جيڪڏهن ڪچي ٿوم کي چٻاڙڻ ڏکيو آهي ته ان تي ماکي جو اضافو ڪريو.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.