پرٿ (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته محمد رضوان شاندار ڪپتاني ڪئي، هن بالرن کي اٽيڪ ڪرڻ لاءِ 100 سيڪڙو اختيار ڏنو.
آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ کانپوءِ شاهين آفريدي چيو ته اسان ڪينگروز خلاف سيريز لاءِ تيار هئاسين، نئين ڪپتان سان کيڏڻ لاءِ هر ڪو پرجوش هو، اسان ان فتح جا حقدار هئاسين.
هن چيو ته محمد رضوان شاندار ڪپتاني ڪئي، هو هڪ جارحاڻو رانديگر آهي، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به سٺو پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
Next Post
You might also like