”ٽرمپ جي نالي تي پي ٽي آءِ باني کي اين آر او نه ملندو“

لوئر دير (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته ٽرمپ جي نالي تي پي ٽي آءِ باني کي اين آر او نه ملندو.
پنهنجي بيان ۾ امير مقام چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جي سازش ٿي رهي آهي، پاڪستان مخالف عنصر پنهنجي عزمن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ آمريڪا ۾ لابنگ سواليا نشان آهي، ٽرمپ جي نالي تي عمران خان کي اين آر او نه ملندو، ٽرمپ ذريعي اين آر او جي سازش ناڪام بڻائينداسين.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ملڪ جو ڏيوالو چاهي ٿي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن کي معافي نه ملڻ گهرجي، پي آءِ اي خريدڻ جي دعويدار ڪي پي حڪومت وٽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن لاءِ بجيٽ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.