پاڪستان، آسٽريليا ۾ ٻاويهه ورهين کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽي ورتي

پرٿ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽِين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي 22 سالن کانپوءِ سيريز کٽي نئين تاريخ لکي ڇڏي.
پرٿ اسٽيڊيم ۾ قومي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪندي ميزبان ٽيم کي رڳو 140 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو.
نسيم شاهه، 3 شاهين شاهه آفريدي 3 حارث رئوف 2 ۽ محمد حسين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
قومي ٽيم 141 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 27هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
اوپنر عبدالله شفيق 37 ۽ صائم ايوب 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته محمد رضوان 30 ۽ بابر اعظم 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي.
ميچ ۽ سيريز ۾ شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.