اتر وزيرستان ۾ افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.