پرٿ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ تاريخي فتح تي قومي ٽيم ۽ پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
پاڪستان پرٿ ۾ کيڏيل ٽِين ۽ فيصلائتي ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏئي 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي ان جي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏني.
وسيم اڪرم قومي ٽيم جي تاريخي فتح تي رانديگرن ۽ پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان جي ٽيم جو مستقبل روشن آهي، قوم رانديگرن کي سپورٽ ڪري، هي ڇوڪرا آخري بال تائين مقابلو ڪن ٿا، ٽيم کٽي يا هارائي پنهنجن رانديگرن کي سپورٽ ڪيو.
هن چيو ته محمد رضوان ڪپتان طور فاسٽ بالرن کي انتهائي سٺي طريقي سان استعمال ڪيو، ڪنهن ٻن اوورن جو اسپيل ڪرايو ڪنهن کان پنجن اوورن جو اسپيل ڪرايو، جڏهن ٽيم کي وڪيٽ جي گهرج هئي هن حارث رئوف کان بالنگ ڪرائي ۽ ٽيم کي ڪاميابي ملي.
وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته اڄ شاهين آفريدي شاندار بالنگ ڪئي، هن نئين بال کي ٻنهي پاسي سوئنگ ڪيو، هاڻي ٽي ٽوئنٽي سيريز آهي، اميد آهي ته قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.
You might also like