پريالوءِ(ن ع آ) پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام نبي بندائي شيخ ۾ جوابدارن طرفان سڱاوتي تڪرار تان غلام اصغر شيخ
جي گھر ۾ داخل ٿي، ڇرين جا وار ڪري 60 سالا پيرسن غلام اصغر شيخ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي حد جي پريالوءِ پوليس پهچي مقتول پيرسن جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، ٻئي طرف مقتول جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته امام الدين شيخ، نجم الدين شيخ پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان جي گھر ۾ داخل ٿي ڇرين جا وار ڪري اسان جي پيرسن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،