ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مسافرن کي سهولت ڏيڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو.
حڪومت بسن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي انشورنس فراهم ڪرڻ جي فيصلي تي غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب انشورنس هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندڙ بسن جي ڪئي ويندي، ڪنهن به قسم جي حادثي جي صورت ۾ انشورنس ڪمپني معاضو ادا ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انشورنس ڪمپني کي پريميم جي رقم ٽرانسپورٽرز فراهم ڪندا، ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي 6 انشورنس ڪمپنين کان ٻوليون طلب ڪيون آهن.
ذريعن موجب سمورا ٽرانسپورٽر انشورنس ڪرائڻ جا پابند هوندا، جلد ٽرانسپورٽ کاتو انشورنس ڪمپنين سان گڏجي حڪمت عملي طئي ڪندو.
You might also like