انٽرنيٽ مسئلو، پي ٽي اي چيئرمين جو ڪمپنين هٿان بليڪ ميلنگ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اي چيئرمين چيو آهي ته ايل ڊي آءِ ڪمپنين جا لائسنس معطل ڪيا ته 50 سيڪڙو موبائل سروس، 40 سيڪڙو اي ٽي ايم سروسز متاثر ٿينديون.
پي ٽي اي چيئرمين ايل ڊي آءِ ڪمپنين جي رهتن جي معاملي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.
هن ٻڌايو ته 15 ايل ڊي آءِ ڪمپنين مان 10 ادائيگي ڪري ڇڏي، 10 ڪمپنين 10 ارب رپيا ڏنا آهن ۽ ٻين جون 24 ارب رپيا رهتون آهن، جيڪڏهن ايل ڊي آءِ ڪمپنين جا لائسنس رد ڪيا ويا ته انٽرنيٽ جو مسئلو پيدا ٿيندو، 50 سيڪڙو موبائل سروس، 40 سيڪڙو اي ٽي ايم سروسز متاثر ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي فنڊنگ سان سڄي ملڪ ۾ فائبر ڪيبل وڇائي آهي، هاڻ ڀارت ڪنهن ڪمپني جو محتاج ناهي، جيستائين پنهنجي فائبر نه وڇائينداسين ته ڪمپنين هٿان بليڪ ميل ٿيندا رهنداسين، تڪرار کان بچڻ لاءِ بيڪ اپ فائبر ويٽ ورڪ هجڻ گهرجي.
آءِ ٽي وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته حڪومت نيشنل فائبرائيزيشن پاليسي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.