اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو اميد لڳائي ويٺا آهن ته آمريڪا پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪندو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪنهن کي ٻاهر گهرائينداسين ۽ ڪنهن کي پاڻ وٽ رکنداسين اهي سڀ ڪهاڻيون آهن، اهي سڀ دل کي ٽيڪ ڏيڻ جون ڳالهيون آهن، دٻاءُ پري پري تائين نظر نه پيو اچي، هڪ صاحب بيان ڏنو اُتان ڪال آئي ته ڪير انڪار ئي نٿو ڪري سگهي.
هن چيو مون کي ياد پئي ٿو ته نواز شريف اتان آيل ڪال تي انڪار ڪري ڇڏيو هو، بيان ڏيندڙ اُن وقت نواز شريف جو اطلاعات وارو وزير هو ۽ جڏهن مشرف سان گڏ هو ته نه ڄاڻ آمريڪا کي ڇا ڇا ڏنو ويو.
سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تي ڪم جاري آهي، اڳ به منصوبا لڳا اڳتي به لڳندا.
You might also like