پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي پي ٽي آءِ باني تاريخ جو اعلان ڪندو ته سڄو ملڪ نڪرندو.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو ته هي آخري سڏ هوندو، مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪرنداسين.
هن چيو ته 9 نومبر تي صوابي جلسي ۾ پي ٽي آءِ تي ٿيندڙ ظلم بابت ٺهراءُ پيش ڪنداسين، ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو ته عمران خان کي بي ڏوهه جيل ۾ وڌو ويو آهي، پرامن تحريڪ هلائڻ نه پئي ڏني وڃي.
Prev Post
You might also like