لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر فخر زمان پي سي بي سان تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجون نيون تصويرن سان پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
فخر جي فٽنس ۽ ري هيب بابت افواهه گردش ڪري رهيا هئا پر هاڻ هن پنهنجي ٽريننگ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيون.
قومي ڪرڪيٽر ٻن هفتن کان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ ۾ ٽريننگ ۾ رڌل آهي.
فخر زمان پنهنجي فٽنس جي بحالي لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي، اوپننگ بيٽر تصوير سان گڏ پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ” حد کان اڳتي وڌڻ لاءِ رنڊڪون ٽوڙڻيون پونديون.“
ياد رهي ته فخر زمان انگلينڊ خلاف سيريز جي ٻن ميچن ۾ بابر اعظم کي آرام ڏيڻ تي پي سي بي جي فيصلي خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي هئي.
بابر اعظم جي حق ۾ پوسٽ ڪرڻ تي پي سي بي طرفان اوپنر کي شوڪاز نوٽيس اُماڻيو ويو هو جنهن جي جواب ۾ فخر زمان آسٽريليا خلاف سيريز نه کيڏڻ جي درخواست ڪئي هئي.
پي سي بي فخر زمان جي اهڙي عمل تي ايڪشن کڻندي پهريان سندس سينٽرل ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو، ان کانپوءِ وري کيس آسٽريليا خلاف قومي ٽيم مان به ڊراپ ڪيو ويو.
Next Post
You might also like