آئيني بينچ ۾ 4 جج حڪومتي ڌر جا هوندا

اسلام آباد (اعزاز سيد) مولانا فضل الرحمان چيو ته عدالت ۾ وڌيڪ جج ويهارڻ جي جاءِ به ناهي، هي اهي ئي شيون آهن جن بابت 26هين آئيني ترميم ۾ اسان هنن کي انڪار ڪيو هو پر هنن چيو هو ته ٻيون ڳالهيون مڃو، اسان هي شيون نه ڪنداسين ۽ هاڻي ان تان ڦري رهيا آهن. شڪي ماڻهن کي 3 مهينا حراست ۾ وٺڻ، پيڪا آرڊيننس جهڙن معاملن تي ساڳيا سياستدان بعد ۾ معافيون وٺندا آهن. جسٽس امين الدين آئيني بينچ جو سربراهه بڻيو آهي، اڳتي هلي بينچ 26هين آئيني ترميم جا معاملا ڏسندي.  جنهن ۾ 4 جج اهڙا آهن جيڪي حڪومتي ڌر جا هوندا ۽ 3 جج اهڙا هوندا جيڪي چوندا ته عدليه جي آزادي جي حوالي سان پارليامينٽ جيڪا قانونسازي ڪئي آهي اها درست ناهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 06 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.