ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪامينٽريٽر ڪيري او ڪيف کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ٽيم جي رانديگرن بابت ريمارڪس تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ميلبرن ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستاني بيٽر مڪمل طور فلاپ ٿيا، پاڪستان جي بيٽنگ دوران ڪامران غلام کي پيٽ ڪمنز بائونسر تي آئوٽ ڪيو ته ڪامينٽريٽر تبصرو ڪيو ”هي ملتان جي پچ ناهي بيبي! ايم سي جي آهي، جنهن تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا واهپيدار ان تبصري جي مذمت ڪندي ان کي پاڪستاني بيٽرن تي غير ضروري تنقيد قرار ڏنو.
You might also like