نسيم شاهه جي انجريءَ بابت اهم خبر اچي وئي

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ انجريءَ جو شڪار فاسٽ بالر نسيم شاهه جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي.
ٽيم ذريعن جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه جي انجري ڳڻتيءَ جوڳي ناهي ۽ هو ايندڙ ميچ تائين فٽ ٿي ويندو.
واضح رهي ته آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ دوران بالنگ ڪرائيندي نسيم شاهه انجريءَ جو شڪار ٿيو هو، هو پنهنجو اٺون اوور مڪمل نه ڪري سگهيو هو ۽ ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ جمعي تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.