مهوش حيات نيٺ شادي لاءِ تيار ٿي وئي، گهوٽ جي ڳولا!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته مان شادي لاءِ تيار آهيان ۽ جلد شادي ڪرڻ واري آهيان.
مهوش حيات تازو هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن شوبز سميت نجي زندگي بابت به کليل نموني ڳالهايو.
شادي بابت سوال تي مهوش حيات چيو ته مون کي شادي لاءِ ڪيترائي پروپوزل ايندا آهن ۽ مان انهن تي هاڻ غور ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو هونئن ته مان ڪم تي ڌيان ڏيندي آهيان پر هاڻ شادي ۾ به دلچپسي وٺڻ شروع ڪئي آهي، جڏهن ته گهر وارن جي ٻڌايل رشتن تي انڪار ڪري ڇڏيندي آهيان.
سندس چوڻ هو مان چاهيان ٿي منهنجو لائيف پارٽنر ذهين ۽ نرم دل هجي، مان ڄاڻڻ چاهينديس ته ان شخص جو پنهنجي خاندان سان رويو ڪيئن آهي، ڇو ته شادي ٻن فردن نه پر ٻن خاندانن جي جڙڻ جو نالو آهي، جڏهن ته مون کي پنهنجو ڪم به جاري رکڻو آهي، تنهن ڪري اهڙي شخص جي ضرورت آهي، جيڪو منهنجي پيشي کي سمجهندو هجي ۽ مالي طور به مستحڪم هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.