نئين قانون سازي 26هين ترميم جي توهين آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جي نئين قانونسازي 26هين آئيني ترميم جي توهين آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪنهن کي شڪ جي بنياد تي 90 ڏينهن تائين جيل ۾ رکڻ ۽ تحويل جو مدو وڌائڻ ملڪ ۾ سول مارشل لا لڳائڻ جي برابر هوندو ۽ جمهوريت جي چهري تي داغ هوندو. هن چيو ته نٿا سمجهون ته جمهوريت ۽ ووٽ کي عزت ڏيو جا علمبردار پ پ ۽ ن ليگ اهڙو ايڪٽ پاس ڪري رهيا آهن جيڪو پنهنجي هٿن سان جمهوريت جي چهري تي داغ هڻڻ برابر آهي. حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪهڙين شقن کي واپس وٺڻ تي راضي ٿي آهي، ڇا اڄوڪو ترميمي ايڪٽ آئين جي روح جي ابتڙ ناهي؟ حڪومت ايڪٽ پاس ڪري پنهنجي ئي عمل کان انڪار ڪري رهي آهي، اها آئين ۽ پارليامينٽ جي توهين آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.