ڪراچي(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاھ تي سول سوسائٽي ۽ سياسي ڪارڪنن جي وفدن سان ملاقاتن دوران ڳالهائيندي چيو آھي ته جڏهن به سنڌ جي وسيلن،ڊيموگرافي،سنڌو درياھ ۽ سمنڊ خلاف ڪا به سازش ٿي آھي ته سنڌ جي محب وطن ماڻھن سان گڏوگڏ سنڌ جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پڻ پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو آھي، سنڌي ميڊيا سنڌ جو حقيقي آواز بڻجي اعلىٰ ادارن توڙي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ دنيا تائين سنڌ سان نڀايو آھي سيد زين شاھ چيو ته هڪ دفعو ٻيهر وفاقي حڪومت،صدارتي محل،ملڪ جون طاقتور قوتون ۽ پنجاب حڪومت گڏجي سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي ان مان غير آئيني طور 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي رٿابندي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اسان سمجهون ٿا ته اهو عمل سنڌ جو ساھ ڪڍڻ جي برابر آھي هن چيو ته سنڌو درياھ تهذيبن جي ماءُ آهي ۽ اسان لاءِ مقدس آهي، انڊس بيسن ايريگيشن سسٽم جي ڪمانڊ ايريا ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود وڌيڪ ڪئنال ٺاهي سنڌو درياھ کي جو ڳلو گھوٽيو پيو وڃي،۽ جيڪڏهن انڊس ريور بيسن سسٽم تي ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ جي موجوده لکين ايڪڙ آباد زرعي زمين بنجر بڻجي ويندي، سنڌ جي آبادي جي چوٿين حصي کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي، هن چيو ته اسان کي افسوس آھي ته سنڌ سان ٿيندڙ ان واردات تي سنڌ مان چونڊيل قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ سينيٽ جا نمائنده مجرماڻي غفلت ۽ خاموشي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آھن،هن سنڌ جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ملڪن ۽ انتظاميا کي اپيل ڪئي آھي ته سنڌي ميڊيا جيڪو سنڌ کي گڏ ڪرڻ لاءِ هميشه هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين آچر جي ڏينهن کي قومي ڏينهن طور ملهائيندي آھي ان ڏينهن کي سنڌو درياھ سان منسوب ڪيو وڃي ۽ 1 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ”سنڌو درياھ سڪائڻ بند ڪريو“ ”سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي“ ”سنڌو درياھ تي ڌاڙو نامنظور“ ”سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال نامنظور“ جي بينر هيٺ سڄي سنڌ کي گڏ ڪري