غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جاري،وڌيڪ 23 فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي صبح کان حملا جاري آهن، 23 فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزا ۾ اسرائيلي فوج جا وحشیانه حملا جاري آهن، عرب ميڊيا موجب انهن حملن ۾ 23 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. ميڊيا موجب غزا شهر ۽ جباليا ۾ اسرائيلي بمباري سبب 6 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته رفح ۾ اسرائيلي فوج جي حملي ۾ هڪ فلسطيني ماءُ ۽ 2 ٻارڙا شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اتر غزا ۾ دستي بم حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو. عرب ميڊيا موجب گذريل سال 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 43 هزار 341 ٿي ويو آهي جڏهن ته 12341 فلسطيني زخمي ٿيا آهن.ٻئي طرف بيروت کان عرب ميڊيا موجب لبنان ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن. لبنان ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ هڪ بنگلاديشي شهري شهيد ٿي ويو آهي، جنهن جي بنگلاديش سفارتخاني به تصديق ڪئي آهي. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج خيام واري علائقي ۾ حزب الله جي 2 مزاحمت ڪندڙن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.