اسلام آباد (م ڊ) پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ سنگل بڊر طور سامهون ايندڙ بليو ورلڊ سٽي ڪنسورشيم جي چيئرمين سعد نظير چيو ته نجڪاري بابت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اصل حقيقتون نه پيون پهچن. اسان 10 ارب رپين جو واڪ ڏنو، حڪومت جيڪو 85 ارب رپين جو اگهه لڳايو اهو ريزرو پرائيس نه هو پر کين ان رقم جي اميد هئي. هن چيو ته پي آءِ اي ٻن ڏهاڪن کان 800 ارب رپين جو نقصان ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي حڪومت نجڪاري جو عمل شروع ڪيو، حڪومت نيو يارڪ جي هوٽل، مرڪزي بلڊنگ، اسٽريٽجڪ اثاثن سميت پي آءِ اي جا سڀ اهم اثاثا هولڊ ڪو ڪمپني کي منتقل ڪري ڇڏيا. اهي سڀ اثاثا نجڪاري جو حصو نه هئا، اهڙي صورت ۾ پي آءِ اي جا 60 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪيا پيا وڃن، ان ۾ ريئل اسٽيٽ جي اثاثن جي ماليت رڳو 10 کان 11 ارب رپيا هئي، چيو پيو وڃي ته 25 کان 30 جهاز هئا پر اصل ۾ رڳو 20 جهاز واڪ کٽيندڙ ڪمپني کي ملڻا هئا، اهي جهاز به ليز تي آهن، پي آءِ اي جا يورپ ۽ لنڊن جا روٽ بند آهن. هن چيو ته اسان جي ٻولي 10 ارب جي نه پر 210 ارب رپين جي ٿئي ٿي ڇو ته پي آءِ اي تي 200 ارب رپيا رهتون به ڪمپني کي ئي ادا ڪرڻيون آهن.