پاڪستاني شهرين جي گڏيل عرب امارتن جي ويزا تي پابندي جي حوالي سان خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته پاڪستان جي ڪجهه شهرن جي رهواسين لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ تي پابندي آهي، جنهن سبب پاڪستانين کي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
ان حوالي سان تصديق ناهي ٿي سگهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي جن 30 شهرن تي پابندي آهي، انهن ۾ اٽڪ، دادو، ڊيرا غازي خان، ڊيرا اسماعيل خان، هنگو، هنزا، ڪوهاٽ، قمبر – شهدادڪوٽ، ڪرم ايجنسي، لاڙڪاڻو، ليه، مظفرآباد، مظفر ڳڙهه، نواب شاهه، پارا چنار، راجن پور، اسڪردو، سکر، ڪوئيٽا، ڪوٽلي، قصور، باجوڙ ايجنسي، مهمند ايجنسي، شيخوپورا، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، خوشاب، ايبٽ آباد، سرگودا، چڪوال ۽ ساهيوال شامل آهن.
ذريعن موجب انهن پاڪستاني شهرن جا رهواسي گڏيل عرب امارتن جي سخت پاليسين سبب ويزا حاصل نٿا ڪري سگهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پابندي جو سبب اهو آهي ته انهن شهرن مان ويندڙ اڪثر ماڻهو يا ته وڃي پِنندا آهن يا وري نوڪري جي ڳولا ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ پهچي گم ٿي ويندا آهن.
You might also like