سينيئر ڪاموري کي پي سي بي ۾ سي اي او مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سينيئر بيورو ڪريٽ پي سي بي جو نئون چيف آپريٽنگ آفيسر ( سي اي او ) مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سينيئر بيورو ڪرڪيٽ جو سي اي او مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو جنهن جو جلد بظابطا طور اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل سينيئر ڪامورو ڪيئي هفتن کان پي سي بي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي ۽ هو ايندڙ هفتي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو.
ذريعن موجب، موجودا چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئون سي ايِ او هن وقت وزيرِاعظم جي انتظامي ٽيم جو حصو آهي، ان کانسواءِ هو محسن نقوي سان نگران وڏ وزارت واري دور ۾ اسٽاف آفيسر طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.
ذريعن موجب، موجودا سي اي او سلمان نصير جي پي ايس ايل ۾ بدلي ڪري نئون عهدو متعارف ڪرايو ويندو جڏهن ته ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا جي جاءِ نديم خان والاريندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.