اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف مني بجيٽ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ايف بي آر ذريعن موجب، آءِ ايم ايف ٽيڪس ٽارگيٽ پورا ڪرڻ ۾ ناڪامي تي شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، ورچوئل ڳالهين دوران آءِ ايم ايف طرفان ايف بي آر جي ٽيڪس هدفن تي نظرثاني جي درخواست به رد ڪئي وئي آهي.
ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس شارٽ فال سبب ٻي قسط ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، ايندڙ مهينن ۾ شارٽ فال جو ڪاٿو لڳائي پنج سئو ارب رپين جي مني بجيٽ اچي سگهي ٿي.
You might also like