حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياهھ سان سنڌ آھي، 7 ڪروڙ انسانن جي زندگي آھي، ملڪ جي بقا آھي، سنڌ خلاف ڪنھن به قسم جي سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، انڪري سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪئنال قبول نه ڪيو ويندي. ان جي پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا به دلچسپي، محبت ڪونهي ھي سوداگر آھن سنڌ ۽ سنڌي قوم کي گروي ۽ وڪڻي چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي مافيا اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور جمھوريت، اٽي، اجهي، لٽي ۽ سنڌي عوام جي حقن جا خوبصورت نعرا ھڻندا آهن پر اقتدار ملڻ کانپوءِ سنڌ وسري ويندي آهي.