ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ايندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اوڀر اسپين جي شهر ويلنسيا سميت ٻين علائقن ۾ تيز برساتن کانپوءِ روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا ۽ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.
رپورٽ موجب برساتن ۽ ٻوڏ دوران مختلف حادثن ۾ هيل تائين 50 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو گهرن ۽ ٻين جاين تي ڦاٿل آهن.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روڊن جي بندش سبب ماڻهن کي هيلي ڪاپٽرن ذريعي ڪڍيو پيو وڃي.
You might also like