اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنتينا موتويانڪو چيو اهي ته روس پاڪستان سان اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ سهڪار جو خواهشمند آهي، مسلمان روس ۾ امن جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي عالمي ايجنڊا جي اڪثر معاملن بابت نقطه نظر ۾ هڪ جهڙائي آهن.
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو.
روسي وفد پارليامينٽ جو دورو ڪيو، روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلينتينا موتويانڪو سينيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ به ماسڪو ۽ اسلام آباد رابطا جاري رکيا، عالمي ايجنڊا جي اڪثر معاملن ۾ اسان جي نقطه نظر ۾ هڪ جهڙائي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گذريل سال واپاري ڪاٿي ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي، واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سميت ٻين شعبن ۾ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.