ٽڪ ٽاڪ واهپيدارن کي اهم آپشن تائين رسائي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شارٽ وڊيو سوشل شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ نوجوانن ۽ شاگردن ۾ مقبول اسٽيم فيڊ تائين سڀني واهپيدارن کي رسائي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسٽيم فيڊ تي سڀني عمر جي واهپيدارن کي رسائي ڏيڻ جي پهرئين مرحلي ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ آئرلينڊ جهڙا ملڪ چونڊيا ويا جتي واهپيدارن لاءِ فيڊ کي باءِ ڊفالٽ ڪيو ويندو.

فيڊ کي 18 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو ڏسي سگهندا، ان کان اڳ فيڊ رڳو 18 سالن تائين جي واهپدارن لاءِ هئي.

ٻئي مرحلي ۾ اها رسائي هر عمر جي واهپيدارن کي ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.