پي سي بي، ايڇ اي سي انٽرورسٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ۾ ديوان يونيورسٽي جي ڪراچي يونيورسٽي کي شڪست

ڪراچي (پ ر) پي سي بي – ايڇ اي سي انٽرورسٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ 25-2024 (زون ايل گروپ بي) جي فائنل ۾ ديوان يونيورسٽي ڪراچي يونيورسٽي کي شڪست ڏئي ڇڏي.
فائنل ۾ ديوان يونيورسٽي ٽاس کٽي اڳ ۾ ڪراچي يونيورسٽي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، ڪراچي يونيورسٽي جي ٽيم 31.5 اوورن ۾ 156 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عبدالباسط 37، فهد انصاري 26 ۽ طحه محمود 21 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ديوان يونيورسٽي جي حميد ڪريم 4 ۽ حسن الله 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
جواب ۾ ديوان يونيورسٽي گهربل هدف 27 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. حذيفه شيخ ناقابل شڪست 54 رنسن جي اننگز کيڏي، احمد حسن خان 37 ۽ عبدالحسيب 26 رنسون ٺاهيون.
فائنل جو خاص مهمان ايڇ اي سي جو اسپورٽس ڊائريڪٽر جاويد علي ميمڻ هو، جنهن (زون ايل گروپ بي) فائنل جي وننگ ٽرافي ديوان يونيورسٽي جي ڪپتان احمد حسن خان کي ڏني ۽ مين آف دي ميچ جو اعزاز حميد ڪريم ۽ حذيفه شيخ ماڻيو.
وائس چانسلر ڊاڪٽر اورنگزيب خان، ڊائريڪٽر اسپورٽس حفيظ خان رانديگرن کي مبارڪباد ڏيندي سندن حوصلا افزائي ڪئي.
ان موقعي تي ڪراچي يونيورسٽي جو اسپورٽس ڊائريڪٽر راشد قريشي، ديوان يونيورسٽي اسپورٽس ڊائريڪٽر حفيظ خان، گوهر رضا، محمد رفيق، ڪاشف احمد فاروقي ۽ ٻيا موجود هئا.
ميچ ۾ امپائرنگ شميم انصاري ڪئي، عزيز الرحمان ۽ سيد مستجاب عالم اسڪورنگ جا فرض انجام ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.