لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي گفتگو ڪئي وئي.
ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري جو ڪريڊٽ سڀني اتحادي جماعتن کي وڃي ٿو، اڳ به عوامي خدمت کان پوئتي نه هٽياسين، هاڻ به نه هٽنداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ گڏجي هلنداسين، غير جمهوري طاقتن جو رستو روڪڻ لاءِ 26هين آئيني ترميم اثرائتي ثابت ٿيندي.
هوڏانهن شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ته 27هين ترميم به آندي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 27هين ترميم ۾ صوبن جي حقن جي حوالي سان خدشن کي ڏٺو ويندو ۽ ترميم تي مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.
Prev Post
پي سي بي، ايڇ اي سي انٽرورسٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ۾ ديوان يونيورسٽي جي ڪراچي يونيورسٽي کي شڪست
Next Post
You might also like