جهاز ۽ رڪشي ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا اجل جو شڪار

سوڊان ۾ جهاز ۽ رڪشي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
مقامي ميڊيا موجب اهو واقعو اوڀر سوڊان جي رياست القضارف ۾ پيش آيو، جتان هڪ ننڍو جهاز ڪچي رن وي تي لهڻ دوران لوڊر رڪشي سان ٽڪرائجي ويو.
اختيارين ٻڌايو ته ننڍو جهاز فصلن تي جيت مار دوا جو ڦوهارو ڪري مٽي جي رن وي تي لهي رهيو هو ته اوچتو سامهون لوڊر رڪشو اچي ويو، جنهن ۾ زرعي ڪارڪن سوار هئا، جيڪي ٻنين ۾ ڪم ڪري واپس وڃي رهيا هئا.
حادثي ۾ رڪشي ۾ سوار 4 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي ويا، جڏهن ته جهاز جو يوڪريني پائلٽ، ان جو مددگار ۽ رڪشا ڊرائيور محفوظ رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.