راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي آف اسپنر ساجد خان چيو آهي ته الله کيس صورت اهڙي ڏني آهي جيڪڏهن هو کلندو آهي ته تڏهن به ماڻهو ڊڄي ويندا آهن.
راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني اسپنرن جي شاندار بالنگ جي مدد سان انگلينڊ جي سموري ٽيم ٻي اننگز ۾ 112 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 36 هدف مليو جيڪو پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ماڻي ورتو.
نعمان علي سيريز ۾ 20 ۽ ساجد خان 19 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ساجد خان پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
ميچ کانپوءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ساجد خان چيو ته هنن ڪنهن ناهي ڊيڄاريو، الله لُڪ ۽ اکيون ئي اهڙيون ڏنيون آهن جو کِلندو آهي تڏهن به ماڻهو ڊڄي ويندا آهن، ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه آهي.
ساجد خان چيوته وڏن ستارن جون پاڪستان لاءِ وڏيون خدمتون آهن، سينيئر هجن يا جونيئر سڀ پاڪستان لاءِ کيڏندا آهن.