ساجد ۽ نعمان جي ڪارڪردگي ڪيئي چهرن کي وائکو ڪري ڇڏيو: محمد حفيظ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي تي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
پاڪستان، انگلينڊ کي ٽِين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز 2-1 تان کٽي ورتي آهي، پاڪستان انگلينڊ کي ٽين ٽيسٽ ۾ نوَ وڪيٽن تان مات ڏني.
انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ محمد حفيظ قومي ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته پاڪستاني ٽيم پنهنجي سرزمين تي ڪاميابي جي ڳولائو آهي.
پر سيريز کٽڻ کانپوءِ محمد حفيظ سوشل ميڊيا تي لکيو ته ”ڪاميابي جو ڪريڊٽ نئين سليڪٽر ڏانهن وڃي ٿو جنهن سخت فيصلا ڪيا، شاباش.“
محمد حفيظ هڪ ٻي ٽيسٽ ۾ لکيو ته ” نعمان علي، ساجد خان، سلمان علي آغا، سعود شڪيل، ڪامران غلام ۽ شان مسعود سڀ ڊوميسٽڪ ليول جا بهتر پرفارمر آهن.“
هن چيو ته ” قومي ٽيم کي ساڍن ٽن ورهين کانپوءِ پنهنجي ڌرتيءَ تي ٽيسٽ سيريز کٽڻ تي واڌايون پيش ڪيان ٿو.“
محمد حفيظ چيو ته ” ساجد خان ۽ نعمان علي جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگيءَ پاڪستان جي انگلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ ساڍن ٽن سالن کانپوءِ ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، ان کان به اهم اِهو آهي ته ٻنهي جي ڪارڪردگي ڪيئي چهرن کي وائکو ڪري ڇڏيو. “

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.