مير علي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ پوليس چيف پوسٽ تي آپگهاتي حملي ۾ چئن سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڇهه ڄڻا شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب، مير علي ويجهو عيدڪ واري علائقي ۾ قائم پوليس پوسٽ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، امدادي ڪارروايون جاري آهن، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال نيو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like