ستاويهين آئيني ترميم نه اچي سگهندي، مزاحمت ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو اپوزيشن ۾ آهن ۽ حڪومت ۾ وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي، 27هين آئيني ترميم نه ايندي، هو سخت مزاحمت ڪندا.
چنيوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو وقت سٺو گذريو، هو غير تڪراري چيف جسٽس طور عهدو ڇڏي رهيو آهي. مان نئين چيف جسٽس کي ڀليڪار ۽ مبارڪباد ڏيان ٿو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هاڻي پارليامينٽ جو ڪردار سامهون اچي ويو آهي ته پوءِ عدليه تي سوالن جو رستو بند ٿي ويندو.
هن چيو ته حڪومتون احتجاج ۽ مظاهرا نه ڪنديون آهن ۽ نه ئي احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ مداخلت ڪنديون آهن. پوءِ اهو چوڻ ته مان وفاق تي حملو ڪندس، پنجاب تي حملو ڪندس، اهو تصور ملڪ کي ورهائڻ آهي. ڪنهن صوبي کي وفاق جي مقابلي ۾ آڻڻ يا ڪنهن صوبي کي صوبي جي مقابلي ۾ آڻڻ غير سياسي سوچ جو مظهر آهي.
هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته چونڊون غلط هيون، ٻيهر ٿيڻ گهرجن، هاڻ ڏسجي ته معاملو ڪيترو ڊگهو ٿئي ٿو، اسان پنهنجي نظريي تي قائم آهيون.
26هين آئيني ترميم جي حوالي سان هن چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ 56 شقون هيون، اصل مسودو ٻيو هو، جيڪو مسودو فائنل ٿيو ان ۾ فرق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.