اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جي اڳوڻي ميمبر بلوچستان اسيمبلي اختر حسين لانگو ۽ شفيع محمد جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس داخل آهي.
جوابدارن جي وڪيلن جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي، عدالت جوابدارن جي جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
جوابدارن جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ان ۾ ڪنهن جي ڪردار جي وضاحت ناهي ڪئي وئي، عام الزام لڳايا ويا، جڏهن بي اين پي آئيني ترميم جي مخالفت ڪئي ته ڪيس داخل ڪيو ويو، هٿيار نه ڏيکاريا ويا، هٿيار هئا ته پوءِ پڪڙيو ڇو نه ويو هو؟
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اختر حسين لانگو ۽ شفيع محمد جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. بعد ۾ عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي اختر حسين لانگو ۽ شفيع محمد جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.