پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون جي علائقي جاني خيل ۾ پوليس موبائل تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او گارڊ سميت شهيد ٿي ويو. پوليس ٽيم معمول جي گشت تي هئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني،
پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي بعد پوليس نفري طلب ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف بنون ۾ دهشتگرد حملي ۾ 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
You might also like