واٽس ايپ ۾ واهپيدارن لاءِ هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ميٽا جي ملڪيت پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ ايموجيز ري ايڪشنز واري فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن واهپيدار پنهنجي پسند جي ايموجيز ذريعي چيٽس تي ردعمل ظاهر ڪري سگهن.
واضح رهي ته واٽس ايپ ۾ ايموجيز ري ايڪشن وارو فيچر مئي 2022ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
پر هاڻي واٽس ايپ جي نئين اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ ان جو نئون ورزن پيش ڪيو ويو ته جيئن چيٽس کي وڌيڪ پُر لطف بڻائي سگهجي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، نئين فيچر تحت واهپيدارن طرفان سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ايموجيز ري ايڪشنز لسٽ ۾ سرفهرست هوندا.
اهڙي ريت واهپيدارن لاءِ چيٽس تي ردعمل ظاهر ڪندي ايموجيز جو استعمال سولو بڻجي ويندو.
هنيئر تئاين ايموجيز ري ايڪشنز ۾ رڳو ست ايموجيز واهپيدارن کي دستياب هئا.
پر نئين تبديلي کانپوءِ صارف اهڙا ايموجيز پاڻمرادو نظر ايندا جيڪي اوهان چيٽس دوران گهڻو استعمال ڪندا آهيو.
وڌيڪ ايموجيز وارو آپشن پڻ بدستور دستياب هوندو، اِهي ايموجيز سرچ ڪرڻا پوندا.
انسٽاگرام، ٽيلي گرام ۽ فيسبڪ ميسنجر جهڙين ايپس ۾ اهڙي قسم جو فيچر پهريان ئي موجود آهي.
جئين مٿي لکي چڪا آهيون ته هي فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، پر تمام جلد اِهو فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.
You might also like