پنڊي ٽيسٽ: سعود شڪيل جي سينچري کانپوءِ انگلش ٽيم ٻي اننگز ۾ ڏکيائين جو شڪار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پنڊي ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي، ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انگلش ٽيم ٻي اننگز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان کي پاڪستان جي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 53 رنسون گهربل آهن.
قومي ٽيم پنڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 73 رنسن کان شروع ڪئي.
ڪپتان شان مسعود ۽ نائب ڪپتان سعود شڪيل محتاط انداز ۾ ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو.
پاڪستان طرفان نائب ڪپتان سعود شڪيل ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي ڪيريئر جي چوٿين سينچري اسڪور ڪئي، هو 134 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
پاڪستان طرفان عبدالله شفيق 14، صائم ايوب 19، ڪپتان شان مسعود 26، ڪامران غلام 3، محمد رضوان 25، سلمان علي آغا هڪ، عامر جمال 14 ۽ نعمان علي 46 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان پهرين اننگز ۾ 344 رنسون ٺاهي مخالف ٽيم خلاف 77 رنسن جي برتري حاصل ڪئي.
پنڊي ٽيسٽ تي پاڪستان جي پڪڙ مضبوط ٿي وئي آهي ۽ ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انگلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسون ٺاهيون، هيري بروڪ 3 ۽ جوءِ روٽ 5 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
انگلينڊ کي پاڪستان خلاف پهرين اننگز جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 53 رنسون گهربل آهن ۽ ان جون ست وڪيٽون باقي آهن.
پاڪستان طرفان نعمان علي ٻه ۽ ساجد خان هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.