ڪاري هرڻ جي شڪار بعد سلمان خان بلينڪ چيڪ ڏنو، بشنوئي جي ويجهي ساٿي جو انڪشاف

ڀارتي رياست گجرات جي جيل ۾ قيد بدنام گينگسٽر لارنس بشنوئي جي سئوٽ رميش بشنوئي انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان هرڻ جي شڪار بابت مٿس مڙهيل الزامن کانپوءِ لارنس بشنوئي برادري کي مالي طور مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
احمد آباد جي سينٽرل جيل ۾ قيد لارنس بشنوئي ۽ سندس گينگ طرفان ڪاري هرڻ جي شڪار واري واقعي کانپوءِ سلمان خان کي ڪيئي موتمار ڌمڪيون ملي چڪيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران رميش بشنوئي ٻڌايو ته ڪاري هرڻ جي شڪار بابت الزامن کانپوءِ سلمان خان وٽن هڪ خالي چيڪ بُڪ کڻي آيو هو، اداڪار چيو هو ته اسان پنهنجي مرضيءَ جي رقم ان چيڪ ۾ لکي سگهون ٿا پر ڪميونٽي اِها آڇ رد ڪري ڇڏي هئي.
رميش بشنوئي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان کي واقعي پئسن جي ضرورت هجي ها ته سلمان خان جي آڇ قبول ڪري وٺئون ها.
رميش لارنس بشنوئي ڪميونٽي ۾ جذباتي ڇڪتاڻ بابت وضاحت پيش ڪندي چيو ته جڏهن ڪاري هرڻ وارو واقعو پيش آيو ته برادري جو رت ٻڙڪي پيو هو.

سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
ياد رهي ته مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.