ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا نمرت ڪور شادي جي خاتمي تي ڪيل تبصري تي اڀيشيڪ بچن جو ردعمل سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.
اداڪار جوڙي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ وچ ۾ عليحدگي جا افواهه ته ٻن ورهين کان گردش ڪري رهيا آهن پر هلندڙ سال اهڙي قسم جي خبرن وڌيڪ زور پڪڙي ورتو، جنهن جو اهم سبب ٻنهي زال مڙسن جو مختلف تقريبن ۾ ڌار ڌار شرڪت ڪرڻ پڻ آهي.
پر ٻنهي مان ڪنهن به هنيئر تائين پنهنجي شادي شده زندگي بابت ٿيل اڳڪٿين بابت تبصرو ناهي ڪيو.
ويجهڙ ۾ اڀيشيڪ بچن ۽ نمرت ڪور جي هڪ پراڻي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي جيڪا 2022ع جي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ميزبان جي سوال تي نمرت ڪور جواب ڏيندي چوي ٿي ته ” شاديون گهڻو وقت ناهن هلنديون.“
اڀيشيڪ جيڪو خاموشيءَ سان سندس جواب ٻڌي رهيو هو نمرت جي ان تبصري تي ترت ” ٿينڪ يو “ چئي ويٺو جنهن بعد ٽهڪڙو مچي ويو.
هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته ڀارتي سوشل ميڊيا واهپيدار اڀيشيڪ بچن جا نمرت ڪور سان رومانوي لاڳاپن هئڻ بابت دعوائون ڪري رهيا آهن.
Next Post
You might also like