اختر مينگل ٻين خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
اسلام آباد جي پوليس سيڪريٽريٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري سينيٽ جميل احمد جي فرياد تي سردار اختر مينگل سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگرديءَ جو قلم پڻ لڳايو ويو آهي.
ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اختر مينگل 5 ڄڻن سان گڏ هٿياربندن سان گڏ سينيٽ هال ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. مير جهانزيب مينگل، اختر نواز هٿيار کڻي سيڪيورٽي عملي کي ڌڪا ڏنا. سينيٽ هال ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس اڳوڻي ايم پي اي اختر حسين لانگو کي گرفتار ڪري ورتو، ياد رهي ته 26هين آئيني ترميم جي موقعي تي بي اين پي سربراهه اختر مينگل کي سينيٽ جي گيلري مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.