دبئي ۾ ملازمت جي خواهشمندن لاءِ وڏي خوشخبري

دبئي (ويب ڊيسڪ ) دبئي کي ايندڙ ڇهن ورهين دوران هڪ لک پنجاسي هزار نون ملازمن جي گهرج آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 2030ع تائين دبئي ايئرپورٽ هڪ لک پنجاسي هزار نوڪريون فراهم ڪندو.
ميڊيا رپورٽس موجب، نين نوڪرين جي فراهمي کانپوءِ دبئي ايئر پورٽ سان سلهاڙيل ملازمن جو انگ اٺ لک کان ٽپي ويندو.
ان کانسواءِ دبئي جو المڪتوم ايئر پورٽ تيزيءَ سان وڌيڪ ايئر لائينز کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.