اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته اختيارن جي ورڇ جي اصول تي عمل ڪرڻو پوندو، سندس پهرين ترجيح ڏورانهين علائقن ۾ ضلعي عدليا هوندي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اعزاز ۾ الوداعي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پاڪستان جي عوام لاءِ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائيندا.
سندس چوڻ هو ته بار جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، اختيارن جي ورڇ جي اصول تي عمل ڪرڻو پوندو، سندس پهرين ترجيح ڏورانهين علائقن ۾ ضلعي عدليا هوندي.
نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، هو سٺو وقت گزاري وڃي رهيو آهي، سندس کوٽ محسوس ڪندا.
هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دور ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي حفاظت ڪئي.
نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف ڪيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کليل دل سان سندس موقف ٻڌندو رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته قاضي فائز عيسي حساس دل رکندڙ انسان آهي، کِلي ڳالهائيندئو ته هو به کلي جواب ڏيندو، جيڪڏهن اوهان کيس تنگ ڪندئو ته ڪاوڙ ۾ برابري نه ڪري سگهندئو، هو جڏهن ڪاوڙ ۾ ايندو آهي ته تڏهن رڳو اوهان جي الله ئي مدد ڪري سگهي ٿو.
You might also like