ڊي چوڪ احتجاج ڪيس: عمران خان جي ڀينرن کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن عليمه خان، عظميٰ خان خلاف ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ ضمانت جون درخواستون منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ويهه، ويهه هزار رپين جي مچلڪن عيوض عمران خان جي ٻنهي ڀينرن جون ضمانتون منظور ڪيون آهن.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي آزادي جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، آزاديءَ جو آرڊر کڻي پي ٽي آءِ وڪيل جيل روانا ٿي ويا.
ياد رهي ته ڪوهسار ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي بنياد تي عليمه خان ۽ عظميٰ خان چار آڪٽوبر تي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.