اسلام آباد/ لاهور (عدنان حسين+مزمل سهروردي)پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي به جلد آزاد ٿيڻ وارو؟فيصل واوڊا دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هڪ سينئر ۽ زيرڪ سياستدان تحريڪ انصاف جو فارورڊ بلاڪ ليڊ ڪرڻ وارو آهي، زين قريشي جي حوالي سان خبرون هليون هيون ته هو آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ وارو هو، شاهه محمود قريشي جي ڀاڻيجي ايم اين اي ظهور قريشي ته آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏئي به ڇڏيو، ذريعن موجب قريشي خاندان جيل ڪاٽي آهي،هاڻي تحريڪ انصاف ان حوالي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پارٽي اندر فارورڊ بلاڪ ٺهي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي ان جي اڳواڻي ڪندو ۽ عمران خان جو سياسي مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي. هوڏانهن 26هين آئيني ترميم نديم انجم جي شڪست ۽ عاصم ملڪ جي ڪاميابي آهي، 14 سيپٽمبر تي اها ترميم پاس ٿئي ها ته نديم انجم کي واڌ ملي وڃي ها ۽ سسٽم جو حصو هجي ها. عاصم ملڪ جي چارج وٺڻ کانپوءِ ترميم پاس ٿي، هاڻي پي ٽي آءِ واري جي ڀت بڻجي وئي آهي. فوج ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي تبديلي کانپوءِ آئيني ترميم جي حڪمت عملي ڪامياب ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اڳتي آڻڻ به عاصم ملڪ جي حڪمت عملي هئي. عدالتن رياست جو ساهه سڪائي ڇڏيو هو جنهن جي ڪري اسٽيبلشمينٽ جي آئيني ترميمن ۾ ڪامياب ٿي آهي. مولانا فضل الرحمان به نديم انجم کان پاسو ڪري رهيو هو. ان کان اڳ پي ٽي آءِ کي سپورٽ ملي رهي هئي. زين قريشي، رياض فتيانا، زرقا سميت ٻيا پي ٽي آءِ کان ٽٽي ويا آهن، سموري پي ٽي آءِ کين غدار قرار ڏنو، هاڻي سندن پي ٽي آءِ ۾ ڪو مستقبل ناهي. بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب به رياست سان گڏجي کيڏي رهيا آهن. هاڻي سلمان اڪرم راجا چوي ٿو ته ڊي چوڪ تي ناهي وڃڻو. اڳتي هلي 27هين ترميم به ٿيندي، مخصوص سيٽن وارو معاملو به حڪومت جي حق ۾ ٿي ويندو. ڪجهه ججن کي هٽايو ويندو ۽ ڪجهه کي سائيڊ لائين ڪيو ويندو.