سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ميرپورخاص ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جو احتجاج

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) سنڌ آبادگار اتحاد ميرپورخاص پاران سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي،  بک هڙتال ۾ ٽيل آبادگار ايسوسيئيسن، ايس يو پي، ترقي پسند پارٽي سميت سياسي سماجي مذهبي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي وڏي انگ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن نواب زبير ٽالپر، يوسف راجپوت، مير اعجاز ٽالپر، مير علي احمد، لال اظهر پٺاڻ، واجد لغاري ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءُ سنڌ جي عوام جي شهه رڳ آهي، ان تي مختلف وقتن کان ڌاڙا هڻڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، تازو وفاقي حڪومت پاران سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي ان سازش کي سنڌ جو عوام سنڌ دشمني سمجھي ٿو، درياهه تي ڌاڙن سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي چڪي آهي، سمنڊ ۾ سنڌو جو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ سنڌ جي زمين ڳرڪائي رهيو آهي، سمنڊ جو پاڻي بدين جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون تباه ڪري رهيو آهي ۽ زيرزمين پاڻي پيئڻ جي لائق به نه رهيو آهي، ميرپورخاص ضلعو درياءُ جي پاڻي ۽ سکر بئراج جي پوڇڙي ۾ اچڻ سبب هميشا پاڻي جي بحران جو شڪار رهيو آهي، پاڻي جي چوري کان وٺي پاڻي جي کوٽ سبب ميرپورخاص ضلع ۽ ڊويزن جي آبادگارن جا فصل سڪي ويندا آهن، مٿان سنڌو جي پاڻي تي نوان ڪئنال جوڙڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جو هڪ نئون بحران ڪر کڻندو جيڪو سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيندو، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال جوڙڻ جو سنڌ دشمن فوري طور ختم ڪري عوام ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.